لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو آڪسفورڊ يونيورسٽي جو چانسلر بڻجڻ وارو خواب اڌورو رهجي ويو.
آڪسفورڊ يونيورسٽي جي چانسلر جي چونڊن لاءِ اميدوارن جي لسٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جو نالو شامل نه آهي.
آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي چانسلر جو عهدو روايتي ۽ علامتي آهي، جڏهن ته چانسلر جي اليڪشن۾ناليواري شخصيتون حصو وٺنديون آهن.
اميدوارن ۾ برطانيا جي ڪنزرويٽو پارٽي جي اڳوڻي وزيراعظم بورس جانسن، مشهور برطانوي آرڪيٽيڪٽ سر نورمن فوسٽر ۽ ناليواري وڪيل بئريسٽر پيٽر ڪريگ شامل آهن.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ اڳواڻ زلفي بخاري نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني آڪسفورڊ چانسلر شپ مهم لاءِ لابنگ فرمز جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن.
سندس چوڻ هو ته ڪنهن کي به لابنگ فرم جون خدمتون حاصل ڪرڻ تي تڪليف نه ٿيڻ گهرجي ڇو ته مون ان لاءِ ڪنهن کان پئسا ناهن ورتا، يورپ ۾ مهم شروع ٿيندي ته يورپين ماهرن جو خدمتون حاصل ڪنداسين.
آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جي چانسلر شپ واري معاملي تي مشهور قانوني فرم ميٽرڪس چيمبرز پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته عمران خان آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ظابطن موجب چانسلر شپ لاءِ اهل نه آهي.