اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاقي آئيني عدالت جو قيام قائداعظم جو خواب هو.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاقي آئيني عدالت جو قيام قائداعظم جو خواب هو، هن سڀ کان اڳ وفاقي آئيني عدالت جي تجويز پيش ڪئي، قائداعظم پهريون ڀيرو وفاقي آئيني عدالت جا تفصيل 27 آڪٽوبر 1931 تي لنڊن ۾ ٿيل گول ميز ڪانفرنس ۾ پيش ڪيا، سندس اهي تجويزن پ پ جي پيش ڪيل تجويزن سان هڪجهڙائي رکن ٿيون.
هن چيو ته قائداعظم شهرين جا بنيادي حق لاڳو ڪرڻ لاءِ وفاقي آئيني عدالت، هاءِ ڪورٽس جي فيصلن خلاف اپيل لاءِ سپريم ڪورٽ ۽ هڪ فوجداري اپيل جي عدالت جون تجويزون ڏيندي چيو ته ڪو به سوال جيڪو وفاقي آئين بابت هجي يا آئين سان پيدا ٿئي، ان کي وفاقي عدالت ۾ وڃڻ گهرجي.
سندس موجب قائداعظم هڪ ئي عدالت کي وفاقي قانونن تي وڌيڪ اختيارن جو دائرو ڏيڻ جي به مخالفت ڪئي ۽ چيو ته مان اهو موقف ٿو رکان ته ڪنهن به شهري کي، جيڪڏهن ان جي حق تي حملو ڪيو وڃي يا ان کي چئلينج ڪيو وڃي ته ان کي سڌي ريت وفاقي حڪومت ۾ وڃڻ جو حق حاصل هجن گهرجي، اهڙي ريت حدبندي سان وفاقي عدالت ايتري وڌيڪ مصروف نه ٿيندي ۽ ان لاءِ ڪيسن کي جلد اڪلائي سگهبو.
پ پ چيئرمين چيو ته اهو قائداعظم طرفان عدالتن تان غير ضروري بار لاهڻ جو حل هو، جيڪو ان کي ڏنل وڏن اختيارن جي دائري سبب هو، قائداعظم جو تجويزون پوءِ جرمني جي 1949 جي بنيادي حقن سان به هڪجهڙائي رکنديون هيون، جنهن وفاقي آئيني عدالت قائم ڪئي.
You might also like