شاگرد امتحاني فارم تي سني ليون کي ماءُ ۽ عمران هاشمي کي پيءُ لکي ڇڏيو، تصوير وائرل

ڀارتي رياست بهار جي شهر مظفر پور سان واسطو رکندڙ هڪ شاگرد پنهنجي امتحاني فارم ۾ والدين جي نالي واري خاني ۾ بالي ووڊ اسٽارز جا نالا لکي ڇڏيا.
رپورٽ موجب، ڪُندن نالي شاگرد جو اِهو فارم 2017-2020 جو آهي جنهن ان عرصي دوران پنهنجي گريجوئيشن مڪمل ڪئي، فارم تي شاگرد جي بنيادي معلومات لکيل آهي.
دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته شاگرد کي بنيادي معلومات ۾ جتي پنهنجي والدين جو نالو لکڻو هو اتي هن پنهنجي ماءُ جي نالي بدران اداڪارا سني ليون جو نالو لکيو جڏهن ته پيءُ جي نالي واري خاني ۾ اداڪار عمران هاشمي جو نالو لکي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، هڪ شاگرد جي بي اي جي امتحاني فارم جي تصوير سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن تي واهپيدارن دلچسپ قسم جا تبصرا ڪري رهيا آهن.
واهپيدار ڪُندن نالي شاگرد کي ليجنڊ قرار ڏيندي چيو ته اهڙي قسم جي حرڪت رڳو ڀارت ۾ ئي ٿي سگهي ٿي.
ڀارتي ميڊيا موجب، شاگرد جي وائرل تصوير جي تصديق ناهي ٿي سگهي نه ئي اِها خبر پئجي سگهي آهي ته سندس فارم قبول ڪيو ويو هو يا رد ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.