لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ جو سينيئر اڳواڻ اڳوڻو صوبائي وزير سردار سڪندر حيات خان لاڏاڻو ڪري ويو.
شهيد بينظير ڀٽو جو اعتماد جوڳو ساٿي سردار سڪندر حيات لاهور لاهور ڀرسان شهر رائيونڊ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
مرحوم جي جنازي نماز 27 وومين هائوسنگ سوسائٽي رائيونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، جڏهن ته تدفين مياڻي صاحب قبرستان ۾ ٿي.
سڪندر حيات خان جو نالو سندس ڏاڏي سر سڪندر حيات خان جي نالي تي رکيو ويو هو، جن جو شمار پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي اعتماد جوڳن ساٿين ۾ ٿيندو هو.
Prev Post
Next Post
You might also like