اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چين جو وزيرِاعظم پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي ۽ اڄ هڪ ڀيرو وري ملڪ ۾ ڌرڻا جاري آهن پر هو 2014ع جهڙي ڪا سازش ڪنهن به صورت نه ٿيڻ ڏيندا.
وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪراچي واقعي سبب چيني ۽ پاڪستاني عوام ڏُکارو آهي، چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ سخت انتظام ٿيڻ گهرجن، چيني سفير کي خاطري ڪرائي آهي ته ايس سي او لاءِ اثرائتا انتظام ڪيا آهن.
شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام منظور ڪرڻ تي ايم ڊي آءِ ايم ايف جا ٿورائتا آهيون، سعودي عرب، يو اي اي ۽ چين آءِ ايم ايف پروگرام ۾ مدد ڪئي.
وزيراعظم چيو ته چين جو وزيراعظم پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي، اڄ هڪ ڀيرو وري ملڪ ۾ ڌرڻا جاري آهن، پهريان به چيني صدر جي دوري تي موقعي تي ڌرڻو هنيو ويو، 2014ع ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو وري ورجايو پيو وڃي.
هن چيو ته 2014 واري ڌرڻي سبب چيني صدر جو دورو رولڙي جو شڪار ٿي ويو، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي سربراهي ٿيل احتجاج ۾ افغان شهري هئا، وقاق تي ڏينهن رات ڪاهه ڪئي پئي وڃي، جٿي کي ڳڻتي آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ترقي ڪري ويو ته هنن کان ڪير پڇندو انڪري پاڪستان جي ترقي هڪ جٿي کي قبول ناهي.
شهباز شريف چيو ته ملائيشين وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري دوران ٻه طرفي تجارت تي ڳالهه ٻولهه ٿي، سعودي عرب جو وفد اچي رهيو آهي، ٻه ارب ڊالر کان وڌيڪ جو معاهدو ٿيڻ وارو آهي، سيڙپڪاري اتي ٿيندي آهي جتي امن هجي، معيشت جي استحڪام ۾ رنڊڪون وجهڻ کان وڏي ملڪ دشمني ناهي، اسان 2014 جهڙي ڪا به سازش ڪنهن صورت ٿيڻ نه ڏينداسين.