اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي ضلعي انتظاميا فوج کي ڏنل اختيارن جو خط جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ فوج کي ڪارروائي جا اختيار حاصل هوندا.
اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي انتظاميا شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس دوران امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي جاڙن شهرن ۾ قلم 144 لاڳو ڪري فوج سميت ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
خط موجب، مقامي ڪمانڊرز وفاقي پوليس سان گڏجي ڪارروائي ڪندا.
اسلام آباد ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي اجلاس دوران امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ وفاقي حڪومت طرفان پنج کان سترنهن آڪٽوبر تائين فوج فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي جنهن کانپوءِ جمعي تي رات دير سان فوج مقرر ڪئي وئي هئي.
ضلعي انتظاميا جي خط موجب، فوج کي شرپسند عنصرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ گرفتاري جا اختيار پڻ ڏنا ويا آهن.
ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته فوج کي احتجاج ڪندڙن خلاف لٺبازي، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي به اجازت هوندي، طاقت جو گهٽ کان گهٽ استعمال ڪيو ويندو، شرپسندن جي موجودگي يا خطري جي اطلاع تي فوج ڪارروائي ڪندي.
					You might also like
		
	
	
					 
			