اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف مشن چيف ناٿن پورٽر چيو آهي ته پاڪستان ايمانداري سان معاشي تجويزن تي عمل ڪري هي ان جو آخري پروگرام ٿي سگهي ٿو.
هڪ بيان ۾ ناٿن پورٽر چيو ته 2023 جي وچ ڌاران پاڪستان جي معيشت جيڪي لاها چاڙها ۽ بي يقيني ڏٺي هئي ان کانپوءِ ملڪ ۾ معاشي استحڪام آيو آهي.
هن چيو ته موجودا پروگرام ذريعي معيشت کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ سٺي بنياد ملي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن پاڪستان ايمانداريءَ سان معاشي تجويزن تي عمل ڪري ته هي ان جو آخري پروگرام ٿي سگهي ٿو.
قرض جي سخت شرطن واري سوال تي سندس چوڻ هو ته ڪنهن به ملڪ جي مخصوص مسئلن کي نظر ۾ رکيو ويندو آهي ۽ انهن جو حل ٻڌايو ويندو آهي، پاڪستان جو موجودا پروگرام به مختلف ناهي ۽ نه ئي اِهو گهڻو سخت آهي.
ناٿن پورٽر اسپيشل اڪنامڪ زونز کي خاص رعايتون ڏيڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف ڪاروباري ادارن لاءِ مراعاتن کي معاشي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار نٿو سمجهي.
پاڪستان ايمانداريءَ سان سڌارن تي عمل ڪري ته هي آخري قرض پروگرام ثابت ٿي سگهي ٿو: آءِ ايم ايف
You might also like