اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آئيني ترميم جي معاملي کي انجام تائين پهچائڻ جو عزم ورجائيندي چيو آهي ته ترميمون 25 آڪٽوبر کان اڳ ٿي وڃن ته معاملو پرامن طور حل ٿي ويندو.
بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ جي رپورٽرز سان غير رسمي گفتگو ڪئي، ان دوران صحافي سوال ڪيو ته ڇا توهان عمران خان جي ملٽري ٽرائل جي حق ۾ آهيو؟ جنهن تي بلاول جواب ڏنو ته ڏسڻو آهي شاهديون ڪهڙيون آهن، هونئن به صدارتي معافي جو اختيار اسان وٽ آهي، جڏهن ته پ پ موت جي سزا جي خلاف آهي.
کانئس پڇيو ويو ته ڇا تجويز ڪيل آئيني ترميمن جي ڊيڊ لائن 25 آڪٽوبر تائين آهي؟ جنهن تي هن وراڻيو ته 25 آڪٽوبر کان اڳ ترميمون ٿي وڃن ته معاملو پرامن طور حل ٿي ويندو، پوءِ به ٿي سگهن ٿيون پر آمهون سامهون ٿيڻ واري صورتحال ٿي سگهي ٿي.
پ پ چيئرمين چيو ته آئيني عدالت جي معاملي کي ائين نه ڇڏينداسين، ان کي پورو ڪنداسين، اسان اڳ ئي گهڻي دير ڪري ڇڏي آهي، اسان جو ته 2006 کان اهو مطالبو آهي ۽ اهو اسان جي منشور جو به حصو آهي.
سندس چوڻ هو ته 18هين ترميم ذريعي مارشل لا جو رستو روڪيو ويو، آئيني ترميم نه ٿيڻ جي صورت ۾ پيدا ٿيندڙ حالتون پوءِ شايد ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ نه رهن.
”آئيني ترميمون نه ٿيڻ جي صورت ۾ پيدا ٿيندڙ حالتون پوءِ شايد ڪنهن جي ڪنٽرول ۾ نه رهن“
Next Post
You might also like