گهڻو مٺو کائڻ، ذهني دٻاءُ ۽ صحتمند طرز زندگي کان پري رهڻ شگر جي مرض ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو آهي.
جيڪڏهن توهان شگر جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويا آهيو ته جسم جا ڪجهه عضوا اهڙا آهن، جيڪي هاءِ بلڊ شگر جي نشاندهي ڪندا آهن، جن تي طبي ماهر نظر رکڻ جو چوندا آهن.
اکيون
جسم ۾ هاءِ بلڊ شگر جي شرح اکين جي ريٽينا ۾ موجود رت جي رڳن کي متاثر ڪندي آهي، جنهن سان اکين جا مسئلا پيدا ٿيندا آهن، جيئن چٽو نظر نه اچڻ، جڏهن ته مريض نور به وڃائي سگهي ٿو.
پير
شگر ٻن طريقن سان توهان جي پيرن کي متاثر ڪندي آهي، پهريون اعصابي نقصان، جيڪو توهان جي پيرن کي ڪنهن به قسم جي احساس کان محروم ڪري ڇڏيندو آهي، ٻيو پيرن تائين رت جي گردش جو درست طريقي سان نه پهچڻ، جنهن سان پيرن ۾ ٿيندڙ زخم ڀرڻ ۾ ڏکيائين ٿيندي آهي.
دل جي تڪليف
هاءِ بلڊ شگر جي مرض ۾ مبتلا شخص کي اڌ رنگ ۽ دل جي تڪليف جو خطرو هر وقت رهندو آهي، ڇو ته شگر رت جي رڳن کي متاثر ڪندي آهي ۽ بلڊ پريشر وڌائيندي آهي.
You might also like