تل ابيب (ويب ڊيسڪ) ايران اسرائيل تي حملو ڪري ڇڏيو ۽ سوين بيلسٽڪ ميزائل هلايا ويا آهن.
اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ايران طرفان اسرائيل ڏانهن سوين ميزائل فائر ڪيا ويا آهن، جنهن کانپوءِ والاريل بيت المقدس ۾ سائرن وڄڻ لڳا، ايران بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا آهن.
اسرائيلي فوج شهرين کي محفوظ هنڌن تي وڃڻ جو چئي ڇڏيو آهي ۽ ايراني ميزائلن جو هدف اسرائيلي تخت گاهه تل ابيب آهي.
ايران جي حملي کانپوءِ اسرائيلي جنگي ڪابينا جو اجلاس پڻ طلب ڪيو ويو آهي.
You might also like