سيپٽمبر ۾ مهانگائي جي شرح 44 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ گذريل مهيني (سيپٽمبر) دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0.5 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي ۽ سالياني بنيادن تي سيپٽمبر ۾ مهانگائي جي شرح 44 مهينن جي گهٽ ترين سطح 6.9 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.
ڳڻپ کاتي طرفان جاري ڪيل مهانگائي جي ماهوار رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل مهيني دوران ملڪ جي شهري علائقن ۾ مهانگائي 9.3 سيڪڙو ۽ ٻهراڙي علائقن ۾ 3.6 سيڪڙو تي اچي وئي.
آگسٽ 2024 ۾ مهانگائي 9.6 سيڪڙو، سيپٽمبر 2023 ۾ 31.4 سيڪڙو هئي، سيپٽمبر 2024 ۾ مهانگائي حڪومتي اندازن کان به گهٽ سطح تي اچي وئي، حڪومت سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ مهانگائي 8 کان 9 سيڪڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي.
وفاقي ڳڻپ کاتي موجب سيپٽمبر ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0.52 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن سبب سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح 6.93 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.