تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي صدر مسعود پيزشڪيان غزا ۾ جنگبندي بابت آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جي واعدن کي ڪوڙو قرار ڏيندي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ايراني صدر ڪابينا اجلاس ۾ چيو ته آمريڪا ۽ يورپي ملڪن اسان سان واعدو ڪيو هو ته اسرائيل جنگبندي تي راضي آهي، تنهن ڪري اسماعيل هنيه جي قتل جو پلاند وٺڻ ۾ تڪڙ نه ڪيو.
هن چيو ته آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جا سمورا واعدا ڪوڙا ۽ کوکلا نڪتا، جنهن کانپوءِ انهن تي اعتماد ڪرڻ جو ڪو جواز نٿو رهي.
مسعود پيزشڪيان اسرائيل جي قدمن جي مذمت ڪندي چيو ته اهڙين ڏوهارين کي وڌيڪ وقت ڏيڻ سان انهن کي وڌيڪ ظلم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
You might also like