حڪومت تيل اگهن ۾ لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پڌرائيءَ موجب پيٽرول ٻه رپيا 7 پئسا سستو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جو نئون اگهه 247 رپيا 3 پيسا في ليٽر ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 3 رپيا 40 پيسا لاٿ ڪئي وئي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو نئون اگهه 246 رپيا 29 پيسا في ليٽر مقرر ڪيو ويو آهي.
لائيٽ ڊيزل هڪ رپيو 3 پيسا گهٽجڻ کانپوءِ نئون اگهه 140 رپيا 90 پيسا في ليٽر ٿي ويو ۽ گاسليٽ 3 رپيا 57 پيسا في ليٽر سستو ٿيڻ کانپوءِ 154 رپيا 90 پيسن جو ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.