هلندڙ سال جي ٻي سج گرهڻ ڪڏهن ٿيندي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال جي ٻي ۽ آخري سج گرهڻ 2 ۽ 3 آڪٽوبر جي وچين رات ٿيندي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 2 ۽ 3 آڪٽوبر جي وچين رات سج کي گرهڻ لڳندو پر سج گرهڻ جو مشاهدو پاڪستان ۾ نه ڪري سگهبو.
موسميات کاتي موجب ڏکڻ ۽ اتر آمريڪا ۽ انٽارڪٽيڪا ۾ سج گرهڻ کي ڏٺو ويندو.
سج گرهڻ جي شروعات پاڪستاني وقت موجب رات 8 وڳي 43 منٽن تي ٿيندي ۽ 11 لڳي 45 منٽن تي عروج تي هوندي، جڏهن ته ان جي پڄاڻي رات 2 لڳي 47 منٽن تي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.