راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي احتجاج کي نظر ۾ رکندي راولپنڊي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته لياقت باغ ٻاهران به ڪنٽينر لڳايا ويا آهن.
لياقت باغ جي دروازي کي مڪمل طور تي رنڊڪون ۽ خاردار تارون لڳائي سيل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مري روڊ جي ٻنهي پاسي پڻ ڪنٽينر لڳايا ويا آهن، مري روڊ کان لياقت باغ ڏانهن ويندڙ رستا به ڪنٽينر لڳائي بند ڪيا ويا آهن.
ڪنٽينرن جي چوڌاري پنجاب ۽ اسلام آباد پوليس جي وڏي نفري کي مقرر ڪيو ويو آهي، پوليس آفيسرن جون موڪلون به معطل ڪيون ويون آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مري روڊ کي فيض آباد واري هنڌ تان ڪنٽينر رکي بلاڪ ڪيو ويو آهي جنهن سبب ملازمن ۽ واپارين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته راولپنڊي ۾ اڄ موبائيل سروس به بند رهندي.
پي ٽي آءِ جي امڪاني احتجاج سبب راولپنڊي صدر اسٽيشن کان آءِ جي پي اسٽيشن تائين ميٽروبس سروس مڪمل طور تي بند رهندي، جڏهن ته اسلام آباد جي حدن ۾ آءِ جي پي اسٽيشن کان پاڪ سيڪريٽريٽ تائين ميٽرو بس سروس هلندڙ آهي.
ٻئي طرف راولپنڊي کان 50 ڪلوميٽر پري مري گهوڙا اسٽريٽ کي به ٽرڪ بيهاري بند ڪيو ويو آهي، مري موٽر وي کي به عام ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، روڊ بند ٿيڻ سبب مال گاڏيون پڻ ڦاٿل آهن جنهن سبب ڪروڙين رپين جو سامان خراب ٿيڻ جو خدشو آهي.
مري کان اسلام آباد ويندڙ رستا بند ٿيڻ سبب شهري مري ۾ ڦاسي پيا، مري ٽريفڪ پوليس طرفان شهرين کي متبادل رستا به فراهم نه ڪيا ويا جنهن سبب شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.