اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو تفصيلي فيصلو اليڪشن ڪميشن خلاف چارج شيٽ آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته مخصوص سيٽون ان ئي جماعت کي ملنديون، جنهن جا اميدوار کٽيا هوندا، سپريم ڪورٽ جمهوريت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي.
هن چيو ته پارٽي جنهن کي نامزد ڪري، اهو پارٽي جو اميدوار ئي مڃيو ويندو، سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي قدمن تي سوال کنيا آهن.
سندس چوڻ هو ته مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ جو حق آهي، اليڪشن ڪميشن جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪري.
You might also like