ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار ٽائيگر شروف مسلسل ناڪامي کانپوءِ ”باغي 4“ سان واپسيءَ لاءِ تيار آهي.
پنهنجي 4 رليز فلمن ۾ مسلسل ناڪامي جو منهن ڏسڻ کانپوءِ ٽائيگر شروف پنهنجي ڪيريئر کي نئين سر بحال ڪرڻ ۽ مداحن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ جدوجهد ڪندي نظر اچي رهيو آهي.
ٽائيگر شروف پنهنجي فلم باغي فرنچائز کي جاري رکندي ناليواري فلمساز ساجد ناڊياڊوالا سان فلم ”باغي 4“ کي سائن ڪندي فلم جي شوٽنگ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.
ٽائيگر شروف جي ايڪشن فلم باغي سندس ڪامياب ترين فلمن جي فرنچائز مان هڪ آهي، ڀارتي تجزئي نگارن طرفان باغي 4 کي ٽائيگر جي بالي ووڊ ۾ واپسي جي فلم قرار ڏنو پيو وڃي.
You might also like