رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت مسجد الحرام ۾ تصويرون ڪڍڻ بابت نيون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
سعودي اختيارين طرفان جاري ڪيل هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته زائرين تصويرون ڪڍڻ کان اڳ هجوم کان پري ۽ محفوظ فاصلي تي بيهن.
هدايتن ۾ زائرين کي چيو ويو آهي ته ٻين ماڻهن جي ذاتي ۽ نجي لمحن جون تصويرون ڪڍڻ کان پاسو ڪيو وڃي، زائرين اجازت بنا ڪنهن جي تصوير نه ڪڍن.
زائرين کي هدايتون ڪيون ويون آهن ته تصويرون ڪڍڻ ۾ وڌيڪ وقت نه لڳايو ۽ تصويرون ڪڍي عبادت ۾ مشعول ٿي وڃو.
You might also like