مسابقتي ڪميشن جو گمراهه ڪندڙ اعلانن تي مختلف برانڊن کي نوٽيس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسابقتي ڪميشن (سي سي پي) سيل ۽ رعايت جي گمراهه ڪندڙ اعلانن تي مختلف برانڊن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
پڌرائي موجب مختلف ريٽيل اسٽورن طرفان سيزن جي پڄاڻي واري سيل جي نالي تي رعايت جي حوالي سان گمراهه ڪندڙ اشتهارن ۽ اعلانن تي 20 برانڊن کي نوٽيس جاري ڪيا ويا.
ڪميشن رعايت جي شڪي اعلانن ۽ سيل جي آڇن تي وضاحت طلب ڪئي آهي، جڏهن ته واهپيدارن کي محتاط رهڻ ۽ رعايت بابت مڪمل ڄاڻ جي تصديق ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.