ٽرمپ جو ٻيهر وائيٽ هائوس پهچڻ خطرناڪ هوندو: ڪملا هيرس

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مقابلي ۾ ڊيموڪريٽ صدارتي اميدوار ڪملا هيرس چونڊ ڊوڙ ۾ پوئتي هجڻ جو اعتراف ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ميڊيسن ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪملا هيرس چيو اهو واضح آهي ته اسان چونڊ ڊوڙ ۾ پوئتي آهيون، اسان کي سخت محنت ڪرڻي پوندي.
هن چيو ته اسان کي پنهنجي محنت سان صدارتي چونڊ کٽڻي آهي، اسان پوئتي نٿا وڃي سگهون، ٽرمپ جو ٻيهر وائيٽ هائوس پهچڻ عوام لاءِ خطرناڪ هوندو، آمريت پسند ٽرمپ آئين کي رد ڪرڻ جي تجويز به ڏئي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.