لزبن (ويب ڊيسڪ) پرتگال جي ٻيلن ۾ باهه لڳڻ سبب 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، سئو هنڌن تي لڳل باهه کي وسائڻ لاءِ 5 هزار فائر فائٽرز ۽ هيلي ڪاپٽرن جو استعمال ڪيو ويو.
باهه جهنگ ۾ لڳي، جنهن ويجهي آبادين کي به نقصان پهچايو، باهه سبب ڪيترائي گهر ۽ گاڏيون سڙي ويون.
اختيارين موجب باهه تي ضابطو آندو ويو آهي، ان کانسواءِ باهه دوران ڦرلٽ جي الزام ۾ 10 ڄڻن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي.
Prev Post
You might also like