گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطين تي اسرائيلي قبضي خلاف ٺهراءُ منظور

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطين جي حق ۾ ٺهراءُ منظور ٿيو آهي، جنهن ۾ اسرائيل کي هڪ سال اندر فلسطيني علائقن مان قبضو ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ٺهراءَ جي حق ۾ 124 ملڪن ووٽ ڏنو، جڏهن ته 12 ملڪن ان جي مخالفت ڪئي ۽ 43 ملڪ ووٽنگ ۾ شامل نه ٿيا.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل هڪ سال اندر غزا ۽ والاريل اولهه ڪناري جي علائقن مان پنهنجي موجودگي ختم ڪري.
هوڏانهن گڏيل قومن ۾ اسرائيل جي سفير ٺهراءَ جي منظوري کي شرمناڪ قرار ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.