علي محمد خان آئيني ترميمن تي ڳالهين لاءِ عمران خان جي آزادي جو شرط رکي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ علي محمد خان آئيني ترميمن تي ڳالهين لاءِ عمران خان جي آزادي جو شرط رکي ڇڏيو.
علي محمد خان پنهنجي بيان ۾ چيو ته توهان جو هائوس آف فيڊريشن ئي مڪمل ناهي، اڻ پوري هائوس مان توهان ڪيئن ترميمون پاس ڪرائي سگهو ٿا؟
هن چيو ته اسان جي ليڊر کي جيل مان ڪڍو، پوءِ آئيني ترميمن تي ڳالهيون ڪيو.
هوڏانهن وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته اهڙو ڪو اين آر او نه ڏينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.