پي ٽي آءِ جو لاهور جلسو روڪرائڻ لاءِ درخواست داخل

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جو لاهور ۾ جلسو روڪرائڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست مرزا واحد رفيق طرفان داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پنجاب حڪومت سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ ليڊر شپ سيڪيورٽي خدشن تحت عدالت سان رابطو ڪندي رهندي آهي، اها پنهنجي موقف تان هٽي لاهور ۾ جلسو ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ 8 سيپٽمبر جي جلسي ۾ حڪومت ۽ عدليا مخالف ٻولي استعمال ڪئي ۽ هاڻ اٿارٽيز جي منظوري بنا جلسو ڪرڻ چاهي ٿي.
درخواستگذار چيو آهي ته پي ٽي آءِ ليڊر شپ جلسي ۾ عدليا مخالف تقريرون ڪري سگهي ٿي، پي ٽي آءِ آئين ۾ ڏنل رعايت جو غلط استعمال ڪري رهي آهي، عدالت پي ٽي آءِ ليڊر شپ جون عدليا مخالف تقريرون روڪڻ جو حڪم ڏئي، عدالت پي ٽي آءِ کي اٿارٽيز جي منظوري بنا جلسو ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏئي ۽ بنا اجازت جلسي تي سخت ڪارروائي جو حڪم ڏئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.