سنڌ،بلوچستان ۽ ڪي پي جا وسيلا مقامي ماڻهن کان نه کسيا وڃن: محمود اچڪزئي

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود اچڪزئي چيو آهي ته پارليامينٽ کي بالادست بڻائڻو آهي،هر اداري کي پنهنجي حدن ۾ رکڻو آهي  ته منهنجو ووٽ پڇڻ کان بغير حڪومت  جو آهي، پر اهو نه ڪريو ته ڪنهن کي آڻڻو آهي ڪنهن کي ڪڍڻو آهي،قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته اڳ ۾ ميمبر هڪ ٻئي سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار نه هئا پر هاڻي گهٽ ۾ گهٽ اهي هڪ ٻئي سان گڏ ته ويهي رهيا آهن،خاص ڪميٽي ماحول کي اڃا به سازگار بڻائي، هن چيو ته وڏي مشڪل سان 1973ع جو آئين ٺهيو، آئين ڪاغذ جو ٽڪرو ناهي هوندو، اهو قومن وچ ۾ سماجي معاهدو آهي، هن ايوان ۾ ڪو به ميمبر اهڙو ناهي جيڪو پارليامينٽ کي طاقت جو سرچشمو نٿو چاهي،هر اداري کي پنهنجي حدن ۾ رهڻ گهرجي، هتي هڪ اڻ ڏٺل خوف آهي ان خوف مان اسان کي ٻاهر نڪرڻو پوندو، هن چيو ته ڪالهه جيڪا گرٻڙ ٿي رهي هئي ان تي قانون واري وزير وضاحت ڏني ان ۾ ڪجهه ته اهڙو هو جنهن جي پرديداري ٿي رهي هئي،هن چيو ته ڪيسن ۾ دير جو جواز ڄاڻايو پيو وڃي ته ان لاءِ دنيا ڪهڙو علاج ڪيو آهي،پارليامينٽ حڪم ڏئي ته هيتري وقت ۾ هيترن ڪيسن جو فيصلو فلاڻي جج کي ڪرڻو آهي،1973ع ۾ اسان جو آئين بڻيو آهي پر سينيٽ اڄ تائين مفلوج آهي، ان کي طاقتور بڻايو، توهان اڌ ڪلاڪ ۾ اهو ڪم ڪري سگهو ٿا، سنڌ، بلوچستان، ڪي پي وارا رڙيون ڪري رهيا آهن ته اسان جي ڌرتي وسيلن سان مالامال آهي گهٽ ۾ گهٽ پهريون بنيادي حق ته اسان جي ٻارن کي ڏيو،ساحل ۽ وسيلا سنڌ ۽ بلوچستان واسين حوالي ڪريو، ڪي پي کي سندن ٻيلا ۽ پاڻي حوالي ڪري ڇڏيو،بهترين پاڪستان بڻجي ويندو، هن چيو ته اسپيڪر کي درخواست آهي ته توهان ڪسٽوڊين آهيو،سمورن ميمبرن کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏيو،ميمبرن کي آئين پڙهائڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي ٺاهيو،هن چيو ته ايڪسٽينشن فوج،عدليه يا پارليامينٽ ۾ هجي اها قبول ناهي،اهو سلسلو ختم ڪريو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.