اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي 25 سيپٽمبر تي ٿيندڙ اجلاس جو ڪئلينڊر جاري ڪيو ويو، ايجنڊا ۾ پاڪستان کي به شامل ڪيو ويو آهي.
آءِ ايم ايف جي ايندڙ هفتي ٿيندڙ ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس جي ايجنڊا ۾ پاڪستان کي به شامل رکيو ويو آهي، آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان جي واڌو فنڊ جي سهولت تحت قرض جي درخواست آهي.
ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ 7 ارب ڊالرن جي قرض پروگرام جي منظوري تي غور ٿيندو، آءِ ايم ايف ايگزيڪيوٽو بورڊ مطئمن ٿيو ته پاڪستان کي قسطون شروع ٿي وينديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ عالمي مالياتي اداري وچ ۾ 12 جولاءِ تي اسٽينڊ باءِ معاهدو طئي ٿيو هو.
ان کان اڳ آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ 18 سيپٽمبر تائين اجلاسن جو ڪئلينڊر جاري ڪيو هو، جنهن ۾ پاڪستان شامل نه هو.
You might also like