بجلي ڪمپنين جي نجڪاري تي احتجاج کان بچڻ لاءِ حڪومت لازمي سروس ايڪٽ لاڳو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت سرڪاري بجلي ڪمپنين جي نجڪاري تي احتجاج جي خدشي کي ڏسندي لازمي سروس ايڪٽ لاڳو ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب وفاقي حڪومت ڊسڪوز، اين ٽي ڊي سي ۽ جنڪوز تي لازمي سروس ايڪٽ لاڳو ڪيو آهي ۽ لازمي سروس ايڪٽ تحت انهن ڪمپنين ۾ احتجاج ۽ هڙتال تي پابندي هوندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت ڊسڪوز، اين ٽي ڊي سي ۽ جنڪوز ۾ يونين جي سرگرمين تي به پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ لازمي سروس ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب وفاقي حڪومت 6 مهينن لاءِ سمورن پاور سيڪٽرز جي ادارن تي لازمي سروس ايڪٽ لاڳو ڪيو آهي ۽ گهرو وزارت جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ پاور ڊويزن ان حوالي سان هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سرڪاري بجلي ادارن جي نجڪاري جي عمل دوران امڪاني طور ڊسڪوز، اين ٽي ڊي سي ۽ جنڪوز جي يونيز ۽ ملازمن احتجاج ڪري سگهن ٿا، جنهن سبب لازمي سروس ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.