اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهي قرضن مان جان ڇڏائڻي پوندي.
ڪابينا اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام کانپوءِ گروٿ جا قدم کڻنداسين، آءِ ايم ايف پروگرام جي حوالي سان دوست ملڪن هڪ ڀيرو ٻيهر ڀائرن وارو ساٿ ڏنو آهي.
هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام لاءِ ناڻي واري وزارت، ڪابينا ميمبرن ۽ لاڳاپيل اختيارين جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، دعا آهي ته هي آءِ ايم ايف سان آخري پروگرام هجي، اسٽيٽ بئنڪ اڄ پاليسي ريٽ ۾ ٻه سيڪڙو گهٽتائي ڪئي آهي، جيڪو سٺو سنئوڻ آهي، دعا آهي ته پاليسي ريٽ به مهانگائي جيان سنگل ڊيجٽ تي اچي وڃي.
You might also like