اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي خلاف توشا خانا 2 ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
توشا خانا 2 ڪيس ۾ اسپيشل جج امجد اقبال رانجها جي درخواست تي سندس تبديلي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپيشل جج سينٽرل امجد اقبال رانجها اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي خط لکيو هو، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ذاتي سببن جي بنياد تي اسپيشل جج سينٽرل طور خدمتون جاري نٿو رکي سگهان.
ذريعن موجب خط ۾ اسپيشل جج سنيٽرل امجد اقبال رانجها چيو هو ته لاهور هاءِ ڪورٽ کي منهنجون خدمتون واپس ڪيون وڃن.
امجد اقبال رانجها جي درخواست تي سندس تبديلي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جج امجد اقبال رانجها جي درخواست تي سندس جاءِ تي سيشن جج شاهه رخ ارجمند جي نامزدگي به ڪئي وئي.
واضح رهي ته توشا خانا 2 ڪيس اسپيشل جج سينٽرل امجد رانجها جي عدالت منتقل ڪيو ويو هو.
Next Post
You might also like