والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج وڌيڪ ٻن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو

سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جي ڪشميرين خلاف رياستي دهشتگردي جاري آهي.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪندي وڌيڪ ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو.
ميڊيا رپورٽن موجب قابض فوج تلاشي ۽ گهيري جي آڙ ۾ جعلي مقابلي ۾ نوجوانن کي شهيد ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.