هاڪي چيمپيئنز ٽرافي: پاڪستان ميزبان چين کي مات ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

پاڪستان ميزبان چين کي هڪ جي مقابلي ۾ پنج گولن تان شڪست ڏئي ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي جي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
چين ۾ جاري ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي جي ميچ ۾ پاڪستان شروع کان ئي ميزبان چين تي دٻاءُ برقرار رکيو.
پهرئين ڪوارٽر ۾ ڪا به ٽيم گول نه ڪري سگهي، ٻئي ڪوارٽر جي اٺين منٽ ۾ حنان شاهد جي خوبصورت پاس تي عبدالرحمان گول ڪري پاڪستان کي برتري ڏياري.
ٽئين ڪوارٽر ۾ به پاڪستان ٽيم شاندار راند جو مظاهرو ڪيو ۽ 11 هين منٽ ۾ نديم احمد گول ڪري پاڪستان جي برتري ٻيڻي ڪري ڇڏي.
ٽئين ڪوارٽر جي پڄاڻي کان اڳ پاڪستان کي پنالٽي اسٽروڪ مليو پر ڪپتان عماد بٽ بهترين موقعي مان ڪو لاڀ حاصل نه ڪري سگهيو.
چوٿون ڪوارٽر شروع ٿيندي حنان شاهد پنالٽي ڪارنر تي گول ڪري پاڪستان کي ٽي ٻڙي جي برتري ڏياري ڇڏي ۽ وري ڪجهه دير کانپوءِ چين جي چينگ هنگ پنالٽي ڪارنر تي گول ڪري مقابلو ٽي هڪ ڪري ڇڏيو.
ميچ ختم ٿيڻ کان چار منٽ اڳ پاڪستان هڪٻئي پٺيان وڌيڪ ٻه گول ڪيا، نديم احمد ميچ ۾ پنهنجو ٻيو گول اسڪور ڪيو.
ميچ ختم ٿيڻ کان پندرنهن منٽ اڳ حنان شاهد به گول ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو، اهڙي ريت پاڪستان ميزبان چين کي 1-5 تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
واضح رهي ته ٽورنامينٽ ۾ اِها پاڪستان جي ٻي ڪاميابي آهي، قومي ٽيم ڇنڇر تي روايتي مخالف ڀارت خلاف ميدان تي لهندي، ڀارتي ٽيم ٽورنامينٽ ۾ هنيئر تائين ناقابلِ شڪست آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.