شير افضل، عامر ڊوگر سميت ٻين جو 8 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت تحريڪ انصاف اڳواڻن جو 8 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو.
اسلام آباد جي اي ٽي سي جج ابوالحسنات ذوالقرنين جسماني رمانڊ تي محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
عدالت سنگجاني ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ شير افضل مروت، عامر ڊوگر، زين قريشي، نسيم شاهه، احمد چٺا، شيخ وقاص ۽ شعيب شاهين جو 8 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو.
هوڏانهن پوليس پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر کي ان ڪيس مان خارج ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته اسلام آباد پوليس گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.