سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي کي جسٽس طارق محمود جي ڊگري تي انڪوائري کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جي ڊگري تي انڪوائري کان روڪي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊگري تي ايف آءِ اي جي انڪوائري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
انڪوائري خلاف درخواست ڪراچي بار جي صدر عامر نواز وڙائچ داخل ڪئي.
عدالت ايف آءِ اي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جي ڊگري تي انڪوائري کان روڪي ڇڏيو، عدالت ڊپٽي اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، ايف آءِ اي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ان فيئر مينز ڪميٽي جي فيصلي جي روشني ۾ ڪنهن به قسم جي اشاعت کان روڪي ڇڏيو.
عدالت پيمرا کي به حڪم ڏنو ته ان فيئر مينز ڪميٽي جي فيصلي جي روشني ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڪا اشاعت نه ٿئي.
واضح رهي ته ڪراچي يونيورسٽي جي ان فيئر مينز ڪميٽي ۽ سينڊيڪيٽ جسٽس طارق محمود جي ڊگري غير اثرائتي قرار ڏني هئي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي يونيورسٽي جي ڪميٽي جي سفارش ۽ سينڊيڪيٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.