ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽيلي ويزن جو ناليوارو اداڪار وڪاس سيٺي 48 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب وڪاس سيٺي 8 سيپٽمبر تي صبح لاڏاڻو ڪيو، کيس دل جو دورو پيو هو، هن سوڳوارن ۾ گهرواري ۽ جاڙا ٻار ڇڏيا آهن.
واضح رهي ته وڪاس مشهور ڊرامن ”ڪهين تو هوگا، ڪسوٽي زندگي ڪي ۽ ڪيونڪه ساس ڀي ڪڀي بهو ٿي“ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، جڏهن ته هن فلم ”ڪڀي خوشي ڪڀي غم“ ۾ مختصر ڪردار پڻ نڀايو هو.
Prev Post
You might also like