لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته اڊيالا جيل جي قيدي کي جلسن سان اين آر او نه ملندو پر کيس پنهنجي ڪرتوتن جي سزا ملندي.
پنهنجي بيان ۾ طلال چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ ڪيترن ئي ڌڙن ۾ ورهائجي وئي آهي، هر گروپ قبضي لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آهي، اهي جلسو ڪرڻ کان وڌيڪ ڊرامي بازي ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته جلسو ضرور ڪيو پر آئين ۽ قانون جي دائري مان نه نڪرو، انتظاميا پرامن جلسي کي مدد فراهم ڪندي، اميد ته پي ٽي آءِ هن ڀيري جلسو ڪري ڏيکاريندي.
سندس چوڻ هو ته عمران خان جو مقصد ڪيس ختم ڪرائڻ آهي، جلسو ضرور ڪن پر ٻيهر 9 مئي ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ نه اين آر او ملندو.
You might also like