سيلينا گومز ارب پتي ماڻهن جي فهرست ۾ شامل

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور آمريڪي اداڪارا ۽ گلوڪارا سيلينا گومز رڳو 32 ورهين جي عمر ۾ دنيا جي ارب پتي شخصيتن جي فهرست ۾ شامل ٿي وئي.
بلوم برگ جي رپورٽ موجب سڄي دنيا ۾ مقبوليت ماڻيندڙ 32 ورهين جي سيلينا گومز جي اثاثن جي ماليت 1.3 بلين ڊالر آهي، هوءَ سيڙپڪار ۽ انٽراپرينوئيرطور معاشي ميدان ۾ به ترقي جون ڏاڪڻيون چڙهندي آمريڪا جي نوجوان ۽ سيلف ميڊ ارب پتي ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ٿي وئي آهي.
سندس آمدني جي ڳالهه ڪئي وڃي ته هوءَ پنهنجي 5 سال پراڻي ميڪ اپ برانڊ ”رير بيوٽي“ ذريعي سڀ کان وڌيڪ ڪمائي رهي آهي، جڏهن ته ان جي دولت ۾ ڪجهه حصو اداڪاري، گلوڪاري ۽ برانڊ پارٽنرشپ ذريعي آيو آهي.
رپورٽن موجب سيلينا ميڪ اپ برانڊ کانسواءِ ذهني صحت بابت ”ونڊر مائنڊ“ ۾ به سيڙپڪاري ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.