قومي ٽيم جي اهم رانديگر کي ٽنهي فارميٽن جو ڪپتان بڻائڻ جو امڪان

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان کي ٽنهي فارميٽن جو ڪپتان بڻائڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آسٽريليا جي دوري لاءِ بابر اعظم جي جاءِ تي نئون وائيٽ بال ڪپتان مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي، ان سلسلي ۾ هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن جولاءِ ۾ بورڊ آفيشلز ۽ ڪپتان سان ڳالهائي چڪو آهي.
ذريعن موجب ڪپتاني لاءِ محمد رضوان جي نالي تي گفتگو ڪئي ويندي ۽ اتفاق ٿيڻ تي کيس مستقبل ۾ ٽنهي فارميٽن جي ڪپتاني ڏئي سگهجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.