عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهه ۾ 5 سيڪڙو تائين وڏي لاٿ ٿي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڊبليو ٽي آءِ ڪچي تيل جا سودا 70 ڊالر في بيرل ۾ دستياب آهن، جڏهن ته برينٽ 73 ڊالر في بيرل جي سطح تي موجود آهي.
ٻڌايو پيو وڃي ته هن وقت تيل جا اگهه 9 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي موجود آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب تيل جي اگهه ۾ لاٿ آمريڪا ۽ چين ۾ کپت بابت خدشن تي ٿي.