پنهنجي ڪنهن به بُري عمل سان مداحن کي مايوس نٿي ڪرڻ چاهيان: سارا خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خوبصورت اداڪارا سارا خان ٽي وي اسڪرين تي ڊانس نه ڪرڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
سارا خان ڪيترن ئي سپر هٽ ڊرامن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي، مداح جتي سندس اداڪاري جا ديوانا آهن، اتي ئي وري سندس لباس ۽ معصوميت کي به پسند ڪندا آهن.
هاڻ سوشل ميڊيا تي سارا خان جي انٽرويو جي هڪ مختصر وڊيو ڪلپ وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ کيس ٽي وي اسڪرين تي ڊانس نه ڪرڻ بابت ڳالهائيندي ڏسي سگهجي ٿو.
اداڪارا چيو ته مان ٽي وي اسڪرين يا ڪنهن ايوارڊ شو ۾ ڊانس ناهيان ڪندي، مداحن مون کي ڪڏهن ڊانس ڪندي ناهي ڏٺو، منهنجا مداح مون سان ڏاڍو پيار ڪندا آهن، اهي منهنجي ڊرامن، منهنجي ڪردار ۽ لباس سبب مون کي پسند ڪندا آهن.
هن چيو ته مان پنهنجي مداحن جي پسند نا پسند جو خيال رکندي آهيان، ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪنديس، جنهن سان منهنجي مداحن کي مايوسي يا تڪليف ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.