گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) سرڪاري اسڪول ۾ ماسترياڻي جي مڙس جي شاگردياڻين سان زيادتي جو انڪشاف سامهو آيو آهي، پوليس جوابدار عمران کي گرفتار ڪري 5 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري ورتا آهن.
گوجرانوالا ۾ سرڪاري اسڪول ۾ ماسترياڻي جي مڙس جي شاگردياڻين سان زيادتي جو واقعو سامهون آيو آهي، واقعو ٿيڙي سانسي ۾ گورنمينٽ ايجوڪيشن اسڪول ۾ پيش آيو.
پوليس ٻڌايو ته ساجدا نالي عورت لٽريسي کاتي تحت گهر ۾ اسڪول ٺاهيو هو ۽ جوابدار عمران اسڪول اندر هڪ ڪمري ۾ ڪينٽين ٺاهي هئي.
اختيارين موجب جوابدار ڪيترن ئي سالن کان ٻارڙين سان زيادتي ڪري رهيو هو، متاثر شاگردياڻين جي عمر 11 کان 14 سالن جي وچ ۾ آهي.
جوابدار عمران کي گرفتار ڪري 5 الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جوابدار وڊيوز به ٺاهيون هيون، متاثر ٻارڙيون خوف سبب چُپ هيون.
ان معاملي تي سي پي او چيو ته ٽن ٻارڙين سان زيادتي جي تصديق ٿي، ٻن سان ڪوشش ڪئي وئي، زيادتي سميت ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
پوليس ٻڌايو ته جوابدار کي گرفتار ڪري موبائل مان تصويرون ۽ وڊيوز به برآمد ڪيون ويون آهن، ڪيس جي ميرٽ تي جاچ ڪري جوابدار کي سخت سزا ڏني ويندي.
You might also like