گهرو وزارت پاسپورٽ جاري ڪرڻ ۾ دير جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت پاسپورٽ جاري ڪرڻ ۾ دير جو سبب ٻڌائيندي چيو آهي ته پاسپورٽ جون روز 50 هزار درخواستون وصول ٿينديون آهن، جڏهن ته پروڊڪشن رڳو 22 هزار هوندي آهي.

سينيٽ اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران گهرو وزارت جو لکت جواب پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ وضاحت ڪئي وئي ته 2022 کانپوءِ ڊي جي اميگريشن ۽ پاسپورٽ کي روز ڪيتريون ئي درخواستون ملي رهيون آهن.

جواب ۾ ٻڌايو ويو ته پاسپورٽ لاءِ وصول ٿيندڙ روز درخواستن جو انگ 45 کان 50 هزار جي وچ ۾ آهي، جڏهن ته ان جي ابتڙ پروڊڪشن رڳو 20 کان 22 هزار آهي.

سينيٽ اجلاس ۾ پيش ڪيل جواب ۾ ٻڌايو ويو ته پاسپورٽ جي پرنٽنگ 3 شفٽن ۾ معاملا انجام ڏئي رهي آهي، پاڪستاني مشنز مان جيڪي پاسپورٽ جاري ڪرڻ لاءِ موڪليا ويا، اهي پرنٽ ڪري واپس موڪليا ويا، فاسٽ ٽريڪ ۽ ارجنٽ پاسپورٽ ڪيٽيگري ۾ دير ناهي پر نارمل پاسپورٽ جاري ڪرڻ ۾ دير ٿي رهي آهي.

گهرو وزارت موجب 6 ڊيسڪ ٽاپ پرنٽرز ۽ 2 اي پاسپورٽ مشينن جو آرڊر جولاءِ ۾ ڏنو آهي، جن جي فراهمي هلندڙ مهيني ٿيڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.