ملڪ ۾ 12 ربيع الاول ڪڏهن ٿيندي؟ اعلان ٿي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ربيع الاول 1446 هجري جو چنڊ نظر نه آيو.
مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس مذهبي معاملن واري وزارت ڪوهسار بلاڪ اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت مولانا عبدالخبير آزاد ڪئي.
ملڪ جي ڪنهن به حصي مان چنڊ نظر اچڻ جي شاهدي وصول نه ٿي، جنهن کانپوءِ اعلان ڪيو ويو ته پهرين ربيع الاول 6 سيپٽمبر جمعي تي هوندي ۽ 12 ربيع الاول اڱاري 17 سيپٽمبر تي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.