گڏيل عرب امارتن ۾ غير قانوني طور رهندڙن کي وڏي آڇ

دبئي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن ۾ پرڏيهين لاءِ ويزا ايمنسٽي اسڪيم جي شروعات ٿي وئي.
ان حوالي سان دبئي ۾ اماراتي ايميگريشن اختيارين چيو ته ويزا ايمنسٽي اسڪيم قانوني طور داخل ٿيندڙن پر ويزا جي نواڻ نه ڪرائيندڙن لاءِ آهي.
اختيارين موجب هاڻ نه نئين اماراتي ويزا وٺڻ تي پابندي آهي، نه ٽريول بين، نه ڳري ڏنڊ جو خوف ڪيو.
اماراتي اختيارين غير قانوني رهائشين کي پرڪشش آڇ ڏني ته اهي پاڻ کي قانوني رهائشي بڻائين.
گڏيل عرب امارتن ۾ ويزا ايمنسٽي اسڪيم تي ڪئمپون لڳي ويون، ايمنسٽي ڪئمپ تان وطن واپسي جي اجازت وٺو يا نئين نوڪري، اتي سهولت موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.