ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي يونيورسٽي جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر رياض احمد جي زال چيو آهي ته سندس مڙس کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.
پنهنجي وڊيو بيان ۾ ڊاڪٽر رياض احمد جي گهر واري صوفيه حسنين چيو ته شام 5 وڳي کيس يونيورسٽي مان فون آيو ته ڊاڪٽر رياض يونيورسٽي ناهي پهتو.
هن چيو ته يونيورسٽي ان معاملي ۾ ملوث آهي ڇو ته هو يونيورسٽي جي ڪم سان نڪتل هو، بهادر آباد ٿاڻي تي گوڙ ڪرڻ تي مڙس سان ملاقات ڪرائي وئي.
عورت ڊاڪٽر رياض جي حالت ٺيڪ ٻڌائيندي چيو ته کيس ٽيپو سلطان روڊ تان کنڀيو ويو هو پر هاڻي رياض ۽ سندس ڪار کي بهادر آباد ٿاڻي مان ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف ايس ايس پي ايسٽ ڊاڪٽر فرخ رضا چيو آهي ته پروفيسر رياض کي جلد آزاد ڪيو ويندو، پروفيسر رياض کان ڪجهه ويريفڪيشن ڪرڻي هئي.