ويب مانيٽرنگ سسٽم لڳڻ کانپوءِ هزارين ويب سائيٽون بلاڪ، عمل جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت انٽرنيٽ تي مواد جي انتظام لاءِ ويب مانيٽرنگ سسٽم لڳائڻ جي باضابطه تصديق ڪري ڇڏي.

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) مواد بلاڪ ڪرڻ ۾ خودمختيار بڻجي وئي، 2369 يو آر ايلز ۽ 183 ايپليڪيشنن کي بلاڪ ڪيو.

ڪابينا ڊويزن قومي اسيمبلي کي WMS لڳائڻ بابت لکت ۾ آگاهه ڪيو.

ڪابينا ڊويزن جي خط موجب غيرقانوني مواد جي مشهوري ڪندڙ ويب سائيٽس بلاڪ ڪرڻ ۽ شهرين جي ذاتي ڊيٽا کي پبلڪ ڪرڻ واريون ايپليڪيشنون بلاڪ ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي.

ملڪ ۾ سست انٽرنيٽ سبب ماڻهو سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، فري لانسرز سميت آن لائين ڪاروبار ڪندڙ به سخت پريشان آهن.

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) واهپيدارن کي صلاح ڏني آهي ته هو ون ونڊو آپريشن ذريعي پنهنجو وي پي اين حاصل ڪن.

پي ٽي اي چيو آهي ته سافٽ ويئر هائوسز، ڪال سينٽرز ۽ فري لانسر وي پي اين حاصل ڪري سگهن ٿا، چئن سالن ۾ وي پي اينز لاءِ 20 هزار آءِ پيز رجسٽرڊ ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.