اداڪارا ڪبريٰ خان جي اڇي عروبي وڳي ۾ تصويرن ۾ سوشل ميڊيا واهپيدارن جو ڌيان حاصل ڪري ورتو.
ڪبريٰ خان جون سوشل ميڊيا تي ڪجهه تصويرون ۽ وڊيوز گردش ڪري رهيون آهن، جن ۾ کيس لنڊن جي مشهور ڪلاٿنگ برانڊ ”ڪرسٽل لنڊن برائيڊل اسٽوڊيو“ جو اڇو برائيڊل گائون پاتل آهي ۽ عيسائي ڪنوار جي ڏيک سندس خوبصورتي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.
اداڪارا جو فوٽو شوٽ برطانيا جي واربروڪ هائوس هوٽل جي حسين باغ ۾ ڪيو ويو آهي.
ڪبريٰ جي ان فوٽو شوٽ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي ته ڇا اداڪارا شادي ڪري ڇڏي آهي يا اهو رڳو هڪ فوٽو شوٽ آهي.
You might also like