ڪچي ۾ ڊيوٽي لاءِ موڪليل 25 اهلڪار رستي ۾ ئي لهي ويا

رحيم يار خان (ويب ڊيسڪ) ڪچي ۾ ڊيوٽي لاءِ موڪليل پنجاب ڪانسٽيبلري جا اهلڪار رستي ۾ ئي لهي ويا.
پوليس رپورٽ موجب فاروق آباد ٽرينگ اسڪول ڪانسٽيبلري مان ويندڙ 25 اهلڪار رستي ۾ بس مان لهي ويا، اهلڪارن کي 4 ڏينهن اڳ روانو ڪيو ويو هو، 25 اهلڪار ظاهر پير انٽر چينج ڀرسان لهي ويا.
پوليس رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته لاڳاپيل انچارج رستي ۾ هلندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪري ڇڏي.
هوڏانهن رحيم يار خان جي ضلعي پوليس آفيسر چيو آهي ته فاروق آباد مان روانو ڪيل سمورا اهلڪار ڊيوٽي تي آهن، ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف ڀرپور طاقت سان وڙهي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.