اڳوڻي گلوڪارا ۽ ميزبان رابي پيرزادا انڪشاف ڪيو آهي ته مون کي روز جي بنياد تي شادي جا پيغام وصول ٿيندا آهن.
رابي پيرزادا تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف موضوعن تي ڳالهايو.
رابي پيرزادا چيو ته مون کي روز جي بنياد تي شادي جا پيغام موڪليا ويندا آهن، اسان جي فائونڊيشن جا 8 کان 10 نمبر آهن ۽ انهن نمبرن تي ايندڙ هر ٽيون ميسيج شادي جو پيغام هوندو آهي.
سندس چوڻ هو ته منهنجو اهڙن ماڻهن کي مشورو آهي ته اهي پنهنجي ڀرپاسي موجود ڇوڪرين کي رشتا موڪلين، انهن جو قدر ڪن، اڄڪلهه نه ڇوڪرن جون شاديون ٿي رهيون آهن ۽ نه ڇوڪرين جون، اهو مسئلو به اسان جي فائونڊيشن ۾ ايندو آهي.
مرد جي 4 شادين جي سوال تي اڳوڻي اداڪارا چيو ته اسان کي الله جي حڪم کي چئلينج نه ڪرڻ گهرجي، شرط رکيو ويو آهي ته ٻنهي گهروارين سان برابري رکو پر مون کي لڳي ٿو ته اهو شرط پورو ڪرڻ ممڪن ناهي.
طلاق جي شرح کي ڊرامن سان جوڙيندي رابي پيرزادا چيو ته اڄڪلهه جي ڊرامن ۾ گهرواري کي انتهائي بد دماغ ڏيکاريو ويو آهي، جيڪا پنهنجي مڙس کي چماٽ هڻي ٿي ۽ گهر ڇڏي وڃي ٿي، جڏهن ڊرامن ۾ اهو سڀ ڏيکاريو ويندو ته عورتن جي ذهنن تي اثر ضرور پوندو.
You might also like