بنگلاديشي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج تي بدترين تشدد، آءِ سي يو ۾ داخل

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج شمس الدين چوڌري مانڪ کي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي عوام تشدد جو نشانو بڻائي ڇڏيو.
بنگلاديشي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن بنگلاديشي سپريم ڪورٽ جي ايپلٽ ڊويزن جي اڳوڻي جج کي سلهٽ جي عدالت ۾ آندو ويو ته قيدين جي وين مان نڪرندي ئي عوام مٿس لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو.
رپورٽن موجب مختلف جماعتن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن اڳوڻي جج تي پاڻي جي بوتلن، بيضن ۽ جوتن سان به حملو ڪيو، جنهن کانپوءِ 75 ورهين جي اڳوڻي جج کي اسپتال نيو ويو، جتي کيس انتهائي نگهداشت جي وارڊ ۾ رکيو ويو آهي.
اسپتال ذريعن موجب جسٽس مانڪ جي جسم تي ڪيترائي زخم موجود هئا ۽ سندس حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي.
واضح رهي ته جمعي ڏينهن بنگلاديشي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج کي ڀارت فرار ٿيندي ڀارتي سرحد ڀرسان گرفتار ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.