ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي جي گهرواري انشا آفريدي پٽ کي جنم ڏنو آهي.
ٻار جي ولادت تي پاڪستان ٽيم جي رانديگرن، مئنيجمينٽ ۽ پي سي بي طرفان فاسٽ بالر کي مبارڪباد ڏني وئي آهي.
واضح رهي ته شاهين آفريدي 3 فيبروري 2023 ۾ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي ڌيءُ انشا سان شادي ڪئي هئي.
شاهين آفريدي راولپنڊي ۾ بنگلاديش خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ کيڏڻ کانپوءِ سڀاڻي رات ڪراچي لاءِ روانو ٿي ويندو.
You might also like